گلاب ٻوٽو

گلاب ٻوٽو

گلاب ٻوٽو

گلاب (ٻوٽو): خوبصورت ۽ خوشبودار ٻوٽو، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Rose ۽ نباتياتي زبان ۾ Rosa damascene mill چيو وڃي ٿو. هن گل/ٻوٽي جو تعلق Rosaceae ڪٽنب سان آهي. هن ٻوٽي جا گل ڪنڊيدار ٽارين تي ٿين ٿا. هن ٻوٽي جو اصل وطن ننڍو کنڊ، ڪوچڪ آهي پر هاڻي هي خوبصورت ٻوٽو، سڄي دنيا ۾ وسيع پئماني تي پوکيو وڃي ٿو. ٽارين تي موجود سنھا ڪنڊا معمولي مڙيل ٿين ٿا. پتيون ڳنڍيل ٿين ٿيون، جن ۾ 3 کان 8 گونچ ٿين ٿا. گلدار ٽارين تي گلن جو تعداد 5 (گهٽ وڌ) ٿئي ٿو. پنکڙيون، گلابي ۽ تعداد ۾ وڌيڪ ٿين ٿيون. پنکڙين جي وچ ۾ نرٻور ڪافي تعداد ۾ ٿين ٿا. هيءُ سدا بھار ٻوٽو خوبصورتي ۽ خوشبو سبب پوکيو وڃي ٿو. گلاب جي گلن مان عرق گلاب ۽ گلقند به تيار ڪيو وڃي ٿو. هي ٻوٽو، دل جي لاءِ مقوي ۽ قبض ختم ڪندڙ آهي. خوشبو لاءِ گلاب جو عطر به گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سماجي زندگيءَ ۾ پڻ هن گل کي مرڻي پرڻي جي موقعن ۽ محبت جي اظھار لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن گل جا سڄي دنيا ۾ 600 کان وڌيڪ قسم آهن. هي گل ڳاڙهي رنگ کان علاوه گلابي، پيلي، نيري، نارنگي، اڇي، ڪاري ۽ ٻين رنگن ۾ پڻ ٿئي ٿو. ٻين رنگن جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهو گلاب وڌيڪ دلڪش ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هي گل برطانيه ۽ آمريڪا ۾ قومي گل جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جو علائقائي گل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو